اصحابي واري سير اصحابو محمد علي گبربند

اصحابي واري سير (اصحابو محمد علي گبربند): هي گبربند قبل از تاريخ جو آهي ۽ ديهه ڏيسوئي، تعلقه ٿاڻي بولاخان ضلعي ڄام شوري ۾اتر ويڪرائي ڦاڪ ″25◦18′52 اوڀر ڊگھائي ڦاڪ ″67◦54′26 تي موجود آھي. ھي سرڪاري اڻ سروي زمين ديهه ڏيسوئي، ھڪ ڪلوميٽر چوھڙ لڪ کان اتر ۾ آھي. ھي گبر بند آھي. جيڪو آڳاٽن لوڪن پاڻي جي جھل لاءِ ٺاھيو ھو. ھي گبر بند ٧٤ ميٽر ڊگھو ھو، جنھن مان ٣٧ فوٽ ڊھي پيو آھي، جنھن جو بنياد ١٠ ميٽر ۽ مٿين ٽاپ ٦٠. ٢ ميٽر آهي. اوچائيءَ ۾ ساڍا ست ميٽر آھي. ھن وقت استعمال ھيٺ ڪونه آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو